ڪاراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا تي آمريڪي حملي ۽ فوجي آپريشن ۾ صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کانپوءِ ملڪ جي نائب صدر جو پهريون بيان سامهون اچي ويو.
پرڏيهي خبر اداري موجب، وينزويلا جي نائب صدر دَلسي رودريگيز ملڪ ۾ ٿيل آمريڪي حملن تي سرڪاري ٽيليويزن تي قوم کي خطاب ڪيو.
هن اعلان ڪيو ته حڪومت کي هينئر تائين صدر نڪولس مادورو ۽ خاتون اول سيليا فلورس بابت ڪا ڄاڻ حاصل ناهي ملي سگهي.
وينزويلا جي نائب صدر چيو ته صدر مادورو ۽ سندس گهرواري ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن، ان حوالي سان ڄاڻڻ جون ڪوششون مسلسل جاري آهن.
هن آمريڪي حملي کي بدترين سامراجي جارحيت قرار ڏيندي صدر ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ته هو صدر مادورو ۽ سندس گهرواري جي زنده هجڻ جو ثبوت پيش ڪري.
رودريگيز چيو ته آمريڪي حملي ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪيئي سرڪاري عملدارن، فوجين ۽ شهرين جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن.
هن ايڪي ۽ اتحاد جي اپيل ڪندي چيو ته موجودا صورتحال قوم لاءِ انتهائي سنگين آهي.