ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) هندو انتها پسندن آڏو گوڏا کوڙيندي انڊين پريميئر ليگ ۾ فلم اسٽار شاهه رخ خان جي فرنچائز ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز ( ڪي ڪي آر ) کي بنگلاديشي ڪرڪيٽر مستفيض الرحمان کي رليز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري دواجيت سائيڪا ڪي ڪي آر انتظاميا کي چيو آهي ته مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل 2026 مان رليز ڪيو وڃي.
ديواجيت سائيڪا چيو آهي ته تازن حالتن ۽ سياسي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي بي سي سي آءِ ڪي ڪي آر کي هدايت ڪئي آهي ته بنگلاديش جي مستفيض کي رليز ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته بورڊ فرنچائز کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته جيڪڏهن مستفيض جو متبادل کپي ته ان جي اجازت ڏني ويندي.
واضح رهي ته بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان آءِ پي ايل جي تازي نيلامي ۾ 9 ڪروڙ 20 لک ڀارتي رپين ۾ وڪرو ٿيو، کيس شاهه رخ خان جي ٽيم ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيوهو .
شيو سينا ۽ حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي طرفان به بنگلاديشي رانديگر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
شيو سينا جي ترجمان جو چوڻ هو ته ”بنگلاديشي ڪرڪيٽرن کي آءِ پي ايل ۾ ڀارتي سرزمين تي کيڏڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي، پاڪستاني ۽ بنگلاديشي رانديگرن تي پابندي لڳائي وڃي، هي اسان جي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن خلاف نفرت پکيڙين ٿا.“
بي جي پي اڳواڻ سنگيت سوم به شاهه رخ خان تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ”هو اهڙي رانديگر کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري رهيو آهي، جن جو ملڪ ڀارت خلاف ڪم پيو ڪري.“
ٻئي پاسي ڪانگريس شاهه رخ خان کي غدار سڏڻ واري بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن دوران هڪ هندو شخص جي قتل بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل لاڳاپن کي وڌيڪ بگاڙي ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي مٿان لاڳاپا خراب ڪرڻ جا الزام مڙهي رهيا آهن، هڪ ٻئي جي سفارتي عملي کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن ۽ عوامي سطح تي بيان ڏئي رهيا آهن.
مستفيض الرحمان ڪير آهي؟
مستفيض الرحمان بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم فاسٽ بالر آهي، هو 15 ٽيسٽ، 116 ون ڊي ۽ 126 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
هو لڳاتار انڊين پريميئر ليگ ۾ کيڏندو رهيو آهي ۽ ماضي ۾ چنائي سپر ڪنگز، دهلي ڪيپيٽلز ۽ سن رائزرس حيدرآباد جي طرفان به کيڏي چڪو آهي.
آءِ پي ايل جي نئين سيزن لاءِ ست بنگلاديشي رانديگر نيلامي لاءِ موجود هئا، پر گذريل مهيني ابوظهبي ۾ ٿيل نيلامي دوران رڳو مستفيض الرحمان کي ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو.
ياد رهي ته انڊين پريميئر ليگ جو نئون سيزن 26 مارچ کان شروع ٿيندو.