پي سي بي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جا نالا آءِ سي سي ڏانهن اُماڻي ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جا نالا آءِ سي سي ڏانهن اُماڻي ڇڏيا.
ذريعن موجب، پي سي بي شروعاتي پندرنهن رڪني اسڪواڊ سان گڏ ريزرو رانديگرن جا نالا به آءِ سي سي کي موڪليا آهن.
ذريعن چيو آهي ته پي سي بي 31 جنوري کان اڳ آءِ سي سي جي اجازت کانسواءِ اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ان کان پوءِ ٽيم ۾ ڪنهن به تبديلي لاءِ آءِ سي سي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي اجازت گهربل هوندي.
ذريعن موجب، پي سي بي سريلنڪا خلاف سيريز کانپوءِ عالمي ڪپ ۽ آسٽريليا سان سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪندو، ڇو ته بورڊ جو ارادو آهي ته سريلنڪا خلاف سيريز ۾ هڪ يا ٻن رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهجي.
شروعاتي نالن ۾ سريلنڪا جي دوري لاءِ اعلانيل رانديگرن سان گڏ بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جا نالا پڻ شامل آهن.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول آهي ۽ پاڪستاني ٽيم پنهنجون هڙئي ميچون سريلنڪا ۾ کيڏندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.