ڪولمبيا/هاوانا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا ۽ ڪوبا جي حڪومتن وينزويلا تي آمريڪي حملن جي مذمت ڪئي آهي.
ڪولمبيا جي صدر گستاوو پيٽرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته”ڪولمبيا جي حڪومت وينزويلا ۾ ٿيل ڌماڪن ۽ غير معمولي هوائي سرگرمين بابت گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي، ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ڳڻتي جو ڪارڻ سمجهي ٿي.“
هن چيو ته ” ڪولمبيا جو موقف خطي ۾ امن قائم رکڻ تي ٻڌل آهي ۽ اسان فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اپيل ڪريون ٿا. سڀني ڌرين کان مطالبو آهي ته اهڙي قدم کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي تڪرار وڌائي سگهن ٿا ۽ ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن کي ترجيح ڏني وڃي.“
ٻئي پاسي ڪوبا جي صدر ميگل ڊيازڪينل حملن جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان ”فوري“ ردعمل جو مطالبو ڪيو.
هن آمريڪا طرفان وينزويلا تي حملي کي ”ڏوهن تي ٻڌل حملو“ قرار ڏنو.
هن وڌيڪ چيو ته ”اسان جي امن زون کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ۽ وينزويلا جي بهادر عوام خلاف رياستي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي.“