آمريڪي حملن ۾ شهري علائقن کي نشانو بڻايو ويو، وينزويلا مزاحمت ڪندو: والاديمير پادرينو

ڪاراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي راڄڌاني ڪاراڪس تي اڄ صبح ٿيل آمريڪي حملن بابت تفصيل اچڻ جو سلسلو جاري آهي.
فوجي ٿاڪن کي پهچندڙ نقصان جي نوعيت ڇا آهي ۽ حملن ۾ ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي ان جا انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن.
وينزويلا جي بچاءَ واري وزير والاديمير پادرينو جو چوڻ آهي ته حڪومت حملن ۾ مارجي ويل ۽ زخمين بابت تفصيل گڏ ڪري رهي آهي.
هن الزام لڳائيندي چيو ته آمريڪي حملن ۾ شهري علائقن کي نشانو بڻايو ويو آهي، وينزويلا پرڏيهي فوجي دستن جي موجودگي خلاف مزاحمت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.