آمريڪا وينزويلا جي صدر مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري ٻاهرين ملڪ منتقل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن/ڪاراڪس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وينزويلا خلاف ”وڏي پيماني تي حملا“ ڪيا آهن ۽ ملڪ جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ڪاميابي سان وينزويلا ۽ ان جي اڳواڻ صدر نڪولس مادورو خلاف وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪئي آهي، صدر مادورو ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته هي آپريشن آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، وڌيڪ تفصيل جلد جاري ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ڇنڇر جي صبح 11 وڳي(پاڪستاني وقت موجب رات نائين وڳي) مار-اي-لاگو ۾ پريس ڪانفرنس ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.