ٽرمپ جي حڪم تي آمريڪي فوج جا وينزويلا جي راڄڌاني سميت مختلف هنڌن تي حملا

واشنگٽن/ڪاراڪس/ ماسڪو (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاارڪس سميت مختلف هنڌن تي حملا ڪري ڪيا آهن.
وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪس ۾ ڌماڪا ٿيا، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ جهازن جون هيٺائين سطح تي اڏامون پڻ ڏٺيون ويون آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب، وينزويلا ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حملن جو حڪم ڏنو آهي ۽ وينزويلا جي گادي واري شهر ڪاراڪس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڌماڪا ٿيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ آمريڪي عهديدار خبر ايجنسي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آمريڪا وينزويلا خلاف فوجي حملا ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي وينزويلا جي حڪومت تصديق ڪئي آهي ته حملا ڪاراڪس، ميرانڊا، آراگوا ۽ لاگوئيرا رياستن ۾ ٿيا آهن، آمريڪي حملن جو مقصد وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ آهي.
وينزويلا جي حڪومت حملن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا اسان جا وسيلا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو، اسان آمريڪي فوجي جارحيت کي رد ڪريون ٿا.
وينزويلا جي صدر حملن کانپوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
هوڏانهن روسي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته آمريڪي حملن دوران وينزويلا جي دفاعي هيڊڪوارٽرز کي نشانو بڻايو ويو آهي، ۽ وينزويلا جو صدر صدارتي محل ڇڏي هليو ويو آهي.
روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وينزويلا جي ڪيترن ئي ٻيٽن ۾ آمريڪي ميرينز طرفان زميني آپريشن شروع ڪرڻ بابت غير تصديقي اطلاع مليا آهن.
ان حوالي سان ڪولمبيا جي صدر چيو آهي ته ڪاراڪس تي ميزائل فائر ڪيا پيا وڃن، حملن سبب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.