پاڪ فضائيا جو مقامي طور تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فضائيا مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب فلائيٽ ٽيسٽ ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءُ موجب تيمور ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل 600 ڪلو ميٽرن تائين زميني ۽ بحري هدفن کي نشانو بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.
پڌرائيءَ موجب گهٽ اوچائي تي اڏام جي صلاحيت، دشمن جي ايئر ۽ ميزائل ڊفينس سسٽمز کي ناڪام بڻائڻ ۾ اثرائتو آهي، جڏهن ته تيمور ڪروز جديد نيوي گيشن ۽ گائيڊنس سسٽم سان ليس آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فلائيٽ ٽيسٽ جو مشاهدو پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ سائنسدانن ڪيو، جڏهن ته ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فضائيا طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.