ڊڪي ڀائي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

لاهور (وُيب ڊيسڪ) لاهور جي هڪ مقامي عدالت يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي کي آن لائين جوا جي مشهوري جي ڪيس ۾ فردِ جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
ضلعي ڪچهري ۾ سعد الرحمان عرف ڊڪي سميت ٻين خلاف آن لائين جُوا جي مشهوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت سعد الرحمان سميت ٻين جوابدارن کي 16 جنوري تي فردِ جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته بنا اجازت يوٽيوب چينل تي وي لاگ ٺاهڻ غير قانوني عمل آهي، توهان کي وي لاگ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ اجازت جي درخواست ڏيڻ گهرجي ها.
ان تي سعد الرحمان موقف اختيار ڪيو ته گذريل ٻڌڻي دوران مان حلفي بيان جمع ڪرايو هو ۽ منهنجي خيال ۾ اها ئي اجازت هئي، جنهن تي عدالت چيو ته توهان پاڻ کي پاڻ اجازت ڪيئن ڏئي سگهو ٿا؟ ڇو ته اجازت رڳو عدالت ئي ڏئي سگهي ٿي.
سعد الرحمان جي وڪيل چيو اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ڪهڙي ڳالهه جي اجازت وٺون، ڇو ته اسان ته پنهنجي چينل تي وي لاگ ڪري ئي ناهيون رهيا.
ان تي عدالت واضح ڪيو ته سعد الرحمان جو يوٽيوب چينل مال مقدمه آهي ۽ اين سي سي آءِ اهو چينل ضبط ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته وي لاگنگ ڪري سگهجي ٿي پر ضبط ٿيل چينل تان وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ غير قانوني آهي.
واضح رهي ته ڊڪي ڀائي کي اين سي ايس آءِ اي 17 آگسٽ 2025 تي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته جوابدار تي جُوا واري ايپس جي مشهوري جو الزام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.