يورپ ويندڙ ٻه سئو پناهگيرن جي ٻيڙي ٻڏي وئي، ست ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيئي گم

اولهه آفريڪا ملڪ گيمبيا جي سمنڊ ڪناري تي 200 پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ٻڏي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اربع جي رات اترين سامونڊي پٽي واري علائقي جي جينڪ ڳوٺ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، جنهن ۾ اٽڪل ٻه سئو پناهگير سوار هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب، يورپ وڃڻ جا خواهشمند پناهگيرن جي ٻيڙي ٻڏڻ جو اطلاع ملڻ تي انتظاميا طرفان سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ 96 پناهگيرن کي بچايو ويو.
رپورٽ موجب، ٻيڙي ٻڏڻ سبب ڪيئي ماڻهو گم ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته هينئر تائين 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.