ڪيپ ٽائون(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميزباني هيٺ شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ لاءِ پروٽيز ٽيم جي قيادت ايڊن مارڪرم کي سونپي وئي آهي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان اعلانيل پندرنهن رُڪني اسڪواڊ ۾ ايڊن مارڪرم (ڪپتان) ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ(وڪيٽ ڪيپر)، ڊينون فيريرا، ڪگسيو ربادا، مارڪو ينيسن، لُنگي نگيڊي ۽ اينرڪ نورٽجي، ڊيوڊ ملر ۽ ڊيولڊ بريوس شامل آهن.
ان کانسواءِ ڪيشو مهارج، ڪيونا مفاڪا، جارج لينڊي، ڪاربن بوسچ، ٽوني ڊي زورزي، جيسن سمٿ کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني ۾ ٽورنامينٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين جاري رهند، ڏکڻ آفريڪا، افغانستان، ڪئناڊا ۽ يو اَي اِي گروپ ڊي جو حصو آهن.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ست مختلف وينيوز تي ٿينديون، جن چنائي، نئين دهلي، ڪولڪتا، ممبئي، احمد آباد، ڪولمبو ۽ ڪينڊي شامل آهن.