پاڪ ائير فورس جي اڳوڻي سربراهه جي ڌيءَ آمريڪا ۾ روڊ حادثي ۾ فوت

آمريڪا (ويب ڊيسڪ)پاڪ ائير فورس جي اڳوڻي سربراهه ائير مارشل نور خان جي ڌيءَ ڊاڪٽر فائقه نور خان آمريڪا ۾ روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آمريڪي رياست ورجينيا جي ڪائونٽي ڊينوڊي ۾ ويڪ اينڊ دوران هڪ مقامي پيڊياٽريشن ڪار حادثي جو شڪار ٿي فوت ٿي وئي، جنهن جي سڃاڻپ 75 ورهين جي فائقه آفتاب قريشي طور ٿي.
ورجينيا پوليس موجب، فائقه قريشي جي ڪار روڊ سان ٽڪرائي جنهن کانپوءِ ان کي باهه وڪوڙي وئي ۽ ڪار ۾ سوار عورت ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته فائقه قريشي 1993ع ۾ ٻارن جي دي ڪنگز ڊاٽر اسپتال ۾ فزيشن طور ذميواريون سنڀاليون ۽ پوءِ ڊگهي عرصي تائين ايمرجنسي کاتي جي ميڊيڪل ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندي رهي.
ياد رهي ته ڊاڪٽر فائقه ڪنگز ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي لاهور مان 1973ع ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ استاد طور پڻ خدمتون انجام ڏيندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.