سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نوابشاهه جي علائقي بالو جا قبا جو دورو ڪيو، جتي هن پنهنجي والد، سينئر سياستدان مرحوم حاڪم علي زرداري ۽ والده جي قبرن تي حاضري ڏئي فاتحه خواني ڪئي، گلن جي چادر چاڙهي. ذريعن مطابق، آصف زرداري دوري دوران علائقي جي اهم پارٽي اڳواڻن ۽ معززن سان ملاقاتون به ڪندو، جتي چونڊن بابت مشاورت، حڪمت عملي ۽ مڪاني سطح تي تنظيم سازيءَ تي ڳالهيون ٿينديون.