لاهور (م ڊ) اين اي 130 تان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڪاميابي بابت داخل درخواست اليڪشن ٽربيونل رد ڪريڇڏي. ٽربيونل نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن درست قرار ڏئي ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، جيڪا هن وقت قيد ۾ آهي، نواز شريف جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل جي جج راڻا زاهد محمود درخواست تي فيصلو ٻڌايو. عدالت درخواست کي فني بنيادن تي خارج ڪندي چيو ته چئلينج قانوني گهرجن تي پورو نٿو لهي. ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪالت بيرسٽر اسدالله چٺا ڪئي.