وزيراعظم جي رحيم يار خان ۾ اماراتي صدر سان اهم ملاقات

رحيم يار خان(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف رحيم يار خان پهتو آهي جتي هن عرب اماراتي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. واضح رهي ته گڏيلعرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان 26 ڊسمبر تي پاڪستان پهتو هو، جنهن کان پوءِ هو شڪار لاءِ رحيم يار خان ۾ رهيو آهي.

  1. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن بابت اهم ڳالهين جو سلسلو سومر کان شروع ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويندو ۽ ٻه طرفو سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. ذريعن موجب ڳالهين ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي به شرڪت ڪندو. ملاقاتن دوران علائقائي صورتحال، واپار، معيشت، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي اڳتي وڌائڻ بابت معاملن تي به غور ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزيائوف فيبروري ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن جي تصديق ازبڪ پرڏيهي وزير ڪئي آهي. سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ۽ اسحاق ڊار وچ ۾ به ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ علائقائي حالتن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.