ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي کُلي ڀڃڪڙي، چناب درياهه تي پن بجلي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ طاس معاهدي جي کلي ڀڃڪڙي خ چناب درياهه تي پن بجلي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ڀارتي آبي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ”دلهستي اسٽيج ٽو پن بجلي منصوبو“ سنڌ طاس معاهدي جي کلي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي منصوبو پاڪستان جي تسليم ٿيل آبي حقن تي سڌو حملو آهي.
شيري رحمان چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي بين الاقوامي قانونن جي خلاف آهي، معاهدي جي معطلي عالمي اصولن ۽ علائقائي امن جي به خلاف آهي، ڀارتي منصوبي سبب پاڪستان جي آبي، زرعي ۽ ماحولياتي سلامتي لاءِ خطرا پيدا ٿيندا.
پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته دلهستي منصوبو دفاعي لحاظ کان به پاڪستان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيو آهي.
شيري رحمان چيو ته چناب درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اوچتو ۽ غيرمعمولي گهٽتائي ڀارتي آبي جارحيت جو ثبوت آهي، سنڌ طاس معاهدي تي ڪنهن هڪ ملڪ جو اختيار ناهي، هي معاهدو عالمي ضمانتن تحت طئي ٿيل دستاويز آهي، دريائن تي اجارداري قائم ڪرڻ جون ڪوششون سخت نتيجن کي جنم ڏئي سگهن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائن آهي، جنهن تي ڪا به سوديباري نه ٿيندي، جيڪڏهن ڀارت نه مڙيو ته بنيان المرصوص جيان ان کي ٻيهر ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوندو، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين کي عالمي فورمن تي اثرائتي نموني اجاگر ڪنداسين، ڀارت کي هڪ طرفي قدمن کان پاسو ڪري بين الاقوامي معاهدن جي پاسداري ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.