ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ادارن ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائيندي دهشتگردن طرفان آپگهاتي حملي لاءِ تيار ڪيل هڪ معصوم شاگردياڻي کي ريسڪيو ڪري ورتو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ۽ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي هڪ نينگري سان رابطو ڪيو ويو، دهشتگردن طرفان ڪهاڻيون ٻڌائيون ويون ۽ نينگري جو برين واش ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪوشش آهي ته نينگري جي خاندان ۽ ايڊريس ظاهر نه ڪيو وڃي، حڪومت سندس بهتري لاءِ انتظام ۽ مدد فراهم ڪندي، اها اسان جي ترجيح آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرين نينگري ۽ سندس گهر وارن جي جان جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردن جو بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اهي ماڻهو سوشل ميڊيا ذريعي رياست خلاف ڪوڙو بيانيو گهڙين ٿا، والدين ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي نظر رکن، بلوچ عوام کي به اهڙين دهشتگرد تنظيمن تي نظر رکڻ گهرجي.
ضياءَ لنجار چيو ته وقتائتي ڪارروائي سبب نينگري کي بچائي ورتو، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته نينگري ٻيهر پنهنجي تعليم جو سلسلو شروع ڪري ۽ هن ملڪ جو روشن مستقبل بڻجي، چاهيون ٿا ته نينگري پنهنجي خواهش موجب ٽيچر بڻجي ۽ ٻارن کي پڙهائي.
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ٻڌايو ته ڪالعدم بي ايل اي جي اهلڪار انسٽاگرام ذريعي نينگري سان رابطو ڪيو ۽ کيس واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو، نينگري عام ٻارن وانگر سوشل ميڊيا استعمال ڪندي هئي، شروع ۾ کيس نفرت جوڳو مواد ڏنو ويو ۽ پوءِ ذهني تربيت ڪري کيس رياست مخالف بڻايو ويو.
هن چيو ته نينگري کي آپگهاتي بمبار بڻجڻ کان بچايو ويو، نينگري جي مڪمل ذهن سازي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته توکان وڏو ڪم وٺڻو آهي، ، گهٽ عمر هئڻ سبب اسان نينگري کي جوابدار نٿا سمجهون.
ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي موجب، ڪراچي کان ٻاهر سنيپ چيڪنگ دوران نينگري کي پڪڙيو ويو، سندس ڪٽنب کي سڏائي سڀ حقيقتون ٻڌايون ويون، اسان کين ڪرمنل جسٽس سسٽم ڏانهن نه پيا وٺي وڃون، کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، معصوم بلوچ شاگردياڻيءَ کي آپگهاتي بمبار بڻجڻ کان بچايو ويو
Next Post
You might also like