ڪراچي: يوٽيوبر رجب بٽ تي وڪيلن جو تشدد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سٽي ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ آيل يوٽيوبر رجب بٽ کي وڪيلن طرفان تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
يوٽيوبر رجب بٽ جي توهينِ مذهب واري ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ يوٽيوبر پنهنجي وڪيلن سان گڏ سٽي ڪورٽ پهتو.
رجب بٽ جي عدالت پهچڻ تي اتي موجود وڪيلن جي لباس ۾ موجود ڪجهه ٻين ماڻهن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
ان حوالي سان وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ رجب بٽ هڪ وي لاگ ٺاهيو هو، جنهن ۾ هن ڪيس جي فريادي بابت نامناسب لفظ چيا هئا.
وڪيلن جي هڙتال سبب عدالت رجب بٽ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته يوٽيوبر جي عبوري ضمانت ۾ به 13 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.