خبردار! برش کي باٿ روم ۾ رکڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪريو

اسان مان گھڻا ماڻهو پنهنجي ڏندن جو برش ڀات روم ۾ رکندا آهن جنهن جو وڏو سبب اِهو آهي ته گھڻن گھرن ۾ ٽوائلٽ ۽ واش بيسن هڪ ئي هنڌ هوندو آهي، گھڻو گھٽ ائين هوندو آهي ته گھرن ۾ ٽوائلٽ ڌار ۽ منهن ڌوئڻ لاءِ واش بيسن ٻاهر هجن.

پر جيڪڏهن اوهان جي سنڪ ۽ ٽوائلٽ هڪ ئي هنڌ آهي ته اوهان اتي پنهنجي ڏندن جو برش به رکندا آهيو ته اوهان سنگين ۽ وڏي غلطي ڪري رهيا آهيو.

ماهرن ان حوالي سان ماڻهن کي تنبيهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ڏندن جو برش باٿ روم ۾ نه رکڻ گھرجي، اها هڪ خراب ترين جاءِ آهي ڇو جو اهو جراثيمن جو ڳڙهه آهي.

باٿ روم ۾ موجود ٽوائلٽ ڏندن جي برش کي سخت گدلو ڪري ڇڏيندي آهي پوءِ ڀلي اوهان ان تي ڪيترا ئي ڍَڪَ ڇو نه چاڙهيو.

هڪ تحقيق موجب جڏهن ٽوائلٽ کي فلش ڪيو ويندو آهي ته باٿ روم۾ فيڪل فائونٽين ٺهندو آهي جيڪو جراثيم پکيڙيندو آهي باٿ روم کي ڀتين سوڌو هر جاءِ تي پهچندو آهي.

فيڪل فائونٽين ڇا آهي.

فيڪل فائونٽين فضلي جا ننڍا ذرڙا هوندا آهن جن کي جراثيم به چئي سگھجي ٿو، اها گھڻا ننڍا هوندا آهن جيڪي اڏامي پکڙجندا آهن.

۽ اِهي ڍَڪُ لڳل برش تائين به پهچي ويندا اهن، ان ڪري ماهرن ٽوائلٽ سيٽ ڍَڪي فلش ڪرڻ جو مشورو ڏيندا آهن.

تنهنڪري ڏندن جي برش کي ڪڏهن به ٽوائلٽ جي ويجهو نه رکو، ڪوشش ڪريو ته ان کي پنهنجي ڪمري ۾ رکو ۽ جڏهن برش ڪرڻو هجي تڏهن استعمال ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.