ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته پراڻو قبض جتي ٻين طبي مسئلن جو سبب بڻجي ٿو اتي دماغي مسئلن يعنيٰ دماغ جي گهٽ ڪم ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو جنهن کي ڊيمنيشيا ۽ الزائمر جهڙين بيمارين سان ڳنڍيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان سان اهي بيماريون ٿي سگهن ٿيون.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پراڻو قبض اهو هوندو اهي جنهن ۾ ڪو به انسان ٽي يا ان کان وڌيڪ ڏينهن تائين پيٽان نه ويهي.
عام طور تي قبض جي شڪايت وڏي عمر وارن ماڻهن ۾ هوندي آهي جڏهن ته ڪجهه فردن ۾ معدي جي خرابي ۽ غذائي سببن جي ڪري مسئلا رهندا آهن.
قبض مردن ۽ عورتن ۾ هڪ جهڙو ناهي هوندو پر عورتن ۾ اهو مسئلو وڌيڪ هوندو آهي، هن مرض ۾ وڏي عمر وارا مرد ۽ عورتون متاثر ٿيندا آهن.
ماهرن قبض جو واسطو دماغ گهٽجڻ واري مسئلي سان هجڻ لاءِ سوا لک ماڻهن تي تحقيق ڪئي ۽ انهن جون ٽيسٽون ڪيون.
تحقيق مان خبر پئي ته پراڻي قبض ۽ دماغ ڪم نه ڪرڻ ۾ واسطو موجود آهي جڏهن ته ڏينهن ۾ ٻن ڀيرن کان وڌيڪ واشروم وڃڻ وارن جي يادداشت به متاثر ٿيندي آهي.
تحقيق ۾ شامل سوا لک ماڻهن ۾ مرد ۽ عورتون شامل هئا ۽ انهن جي ڊيٽا 2012 کان 2013 وچ ۾ گڏ ڪيلهئي ۽ بعد ۾ انهن جي دماغي افعالن جو معيار 2014 کان 2017 تائين جاچيو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دماغي مسئلن جو شڪار هئا جن کي قبض جي شڪايت هئي.
ان کانسواءِ ماهرن جيڪي ٽيسٽون ڪيون انهن مان خبر پئي ته قبض جي شڪايت وارن ماڻهن جي غذائي نالي ۾ اهڙا جراثيم هئا جيڪي تيزابيت ۽ سوڄ وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا.
نتيجن ماناها ڳالهه به سامهون آئي ته قبض جي مسئلن جو شڪار ماڻهن ۾ ٻين طبي مسئلن جو امڪان به وڌيڪ هوندو آهي، انهن مسئلن ۾ ڊپريشن، معدي ۽ جگر جي خرابي سميت پيٽ ۾ ساڙو ۽ تيزابيت شامل آهي.
ماهرن ان معاملي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته قبض سان دماغي مسئلن مان خبر پوي ٿي ته هي ڊيمنيشيا ۽ الزائمر جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.