سنڌ حڪومت 138 لگزري گاڏيون خريدڻ جي تياري ۾ لڳي وئي!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرز لاءِ لگزري گاڏيون خريدڻ جي تياري ڪرڻ لڳي.
جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ٻه ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت چار باءِ چار جون 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريدڻ چاهي ٿي، جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ڏنيون وينديون.
واضح رهي ته سنڌ حڪومت طرفان ذڪر ڪيل هڪ گاڏي جي قيمت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.