لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن ڀارت طرفان کيڏڻ ۽ ڀارتي جهنڊو لهرائڻ تي پاڪستاني ڪبڊي رانديگر عبيدالله راجپوت تي پابندي مڙهي ڇڏي.
لاهور ۾ پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن جي چيئرمين چوڌري شافع حسين جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس دوران پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن جي جنرل ڪائونسل عبيدالله راجپوت تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏني.
پاڪستان ڪبڊي فيڊريشن جي چيئرمين چوڌري شافع حسين چيو آهي ته عبيدالله راجپوت کي پابندي خلاف اپيل جو حق حاصل آهي.
سندس چوڻ هوته عبيدالله راجپوت جو ڪيس ڊسيپلنري ڪميٽي حوالي ڪيو ويو هو، جڏهن ته هاڻي ڪنهن به رانديگر کي اين او سي کانسواءِ ملڪ کان ٻاهر کيڏڻ جي اجازت نه هوندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بحرين ۾ ٿيل هڪ ٽورنامنٽ دوران پاڪستاني ڪبڊي رانديگر عبيدالله جي ڀارتي ٽيم طرفان کيڏڻ، ڀارتي جرسي پائڻ ۽ ميدان ۾ ڀارتي جهنڊو لهرائڻ جي وڊيو سامهون آئي هئي، ميچ کان پوءِ عبيدالله راجپوت ڀارتي جهنڊو هٿ ۾ کڻي گرائونڊ جو چڪر پڻ لڳايو هو.
You might also like