ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ 23 ڊالر واڌ سان في اونس سون جي قيمت 4 هزار 533 ڊالرن جي نئين بلند سطح تي اچي وئي آهي.
پاڪستان ۾ في تولو سون 2300 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 75 هزار 662 رپين جي نئين بلند سطح تي اچي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 1972 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 7 هزار 803 رپين جي بلند ترين سطح تي پهتو آهي.
You might also like