نشي ۾ ڌت ايمبولينس ڊرائيور جو ڪار کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ ايمبولينس جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو اختيارين موجب واقعو ڪينال روڊ تي پيش آيو، جتي ڪار ۽ ايمبولينس وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيو.
اختيارين ٻڌايو ته حادثي ۾ ڪار سوار ٻه ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ايمبولينس ۾ سوار 3 ڄڻا معمولي زخمي ٿيا.
پوليس موجب ايمبولينس ۾ سوار ڊرائيور سميت زخمي ٽئي ڄڻا نشي جي حالت ۾ هئا، کين گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.