پاڪستانين لاءِ يورپ جا دَر کُلي ويا، هزارين ملازمتن جا موقعا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽلي پاڪستان کي ايندڙ 3 سالن لاءِ هزارين نوڪرين ۾ ڪوٽا الاٽ ڪري ڇڏي.
سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي ترجمان موجب اٽلي کان ساڍا ڏهه هزار نوڪرين جي ڪوٽا حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته اٽلي پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا ڏني آهي، جنهن کان پوءِ اٽلي يورپ جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن پاڪستان لاءِ روزگار جي ڪوٽا مقرر ڪئي آهي.
سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت موجب هر سال 3 هزار 500 پاڪستاني سيزنل ۽ نان سيزنل ڪوٽا تحت روزگار لاءِ اٽلي ويندا، جن مان 1 هزار 500 پاڪستاني سيزنل ڪوٽا ۽ 2 هزار پاڪستاني نان سيزنل ڪوٽا تحت هر سال اٽلي ويندا، شپ بريڪنگ، هيلٿ ڪيئر ۽ زراعت جي شعبي ۾ نوڪرين جي ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي آهي.
پاڪستانين لاءِ ويلڊرز، ٽيڪنيشن، شيف، ويٽرز ۽ هائوس ڪيپنگ ۾ روزگار جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته نرسنگ، ميڊيڪل ٽيڪنيشن، فارمنگ جي شعبن ۾ به روزگار جا موقعا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.