ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن وحشياڻو تشدد ڪري مسلمان مزدور کي ماري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن هڪ مسلمان کي بنگلاديشي سمجهي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعو اڙيسا رياست جي ضلعي سمبلپور ۾ پيش آيو، جتي هجوم تشدد جو نشانو بڻائي اولهه رياست بنگال سان واسطو رکندڙ 30 ورهين جي مسلمان مزدور کي ماري ڇڏيو.
مقتول جي سڃاڻپ جيول شيخ جي نالي سان ٿي، جيڪو اولهه بنگال جي ضلعي مرشد آباد جي ڳوٺ چڪ بهادرپور جو رهواسي هو ۽ اڙيسا ۾ مزدوري لاءِ آيو هو.
واقعو شانت نگر جي علائقي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن جيول شيخ ڪم تان موٽي رهيو هو.
پوليس قتل جي الزام ۾ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.