راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪامياب آپريشن ڪندي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ هئا، ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو، اهي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like