اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڌمڪي واري معاملي تي قائم مقام برطانوي هاءِ ڪميشنر کي ڊيمارش جاري ڪري ڇڏيو
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي ڊيمارش جاري ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اميد آهي ته برطانيا شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪندو.
جِين ميريٽ جي پاڪستان ۾ غير موجودگي سبب ڊيمارش برطانوي وقتي هاءِ ڪميشنر کي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته برطانيا شرپسندن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ برطانيا جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان 23 ڊسمبر 2025ع تي هڪ انتهائي چڙ ڏياريندڙ وڊيو جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ احتجاج ڪندڙ فيلڊ مارشل عاصم منير کي موتمار ڌمڪي ڏني.
وڊيو ۾ هڪ عورت چڙڏياريندڙ ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪو به آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي ڪار بم ڌماڪي ۾ قتل ڪري ڪري ڇڏيندو.
پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان فيلڊ مارشل کي موتمار ڌمڪيون، پاڪستان جو برطانوي حڪومت کان ڪارروائي جو مطالبو
You might also like