بي بي ايل ۾ بابر جي بيٽ ٻولڻ ڇڏي ڏنو، سڊني سڪسرز کي ميلبورن اسٽارز هٿان شڪست

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني اسٽار بيٽر بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر مداحن کي مايوس ڪري ڇڏيو.
ڪرسمس تهوار ملهائڻ کانپوءِ بي بي ايل ۾ روايتي باڪسنگ ڊي جي موقعي تي سڊني سڪسرز ۽ ميلبورن اسٽارز وچ ۾ ميچ ٿي، جنهن ۾ بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي ويو.
بابر اعظم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي چوٿين ميچ ۾ ست بالن تي رڳو ٻه رنسون ٺاهي ٽام ڪرن جي بال تي وڪيٽ ڪيپر کي ڪيچ ڏئي پويلين واپس موٽي ويو.
ميچ ۾ ميلبورن اسٽارز جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف 37 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.
سڊني سڪسرز ميلبورن اسٽارز کي 145 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو ميلبورن اسٽارز ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
سام هارپر کي ناٽ آئوٽ 110 رنسن جي اننگز تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو
واضح رهي ته هلندڙ سيزن ۾ بابر اعظم پهرين ميچ ۾ 2، ٻي ميچ ۾ 9 رنسون ۽ ٽئين ميچ ۾ 58 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.