ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪار مرحوم عرفان خان جي ڪاسٽيوم ڊيزائنر انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪار جي صحت فلم ”هندي ميڊيم“ جي شوٽنگ دوران بگڙي وئي هئي.
سمرتي چوهاڻ هڪ پروگرام ۾ ٻڌايو ته شوٽنگ دوران عرفان خان ڪمزور ٿيندو پئي ويو ۽ ڪيترن ئي موقعن تي سندس حالت کي نظر ۾ رکندي شوٽنگ ملتوي ڪرڻي پئي.
هن چيو ته عرفان خان کي غير معمولي سيءُ ٿيندو هو، جنهن سبب سندس ڪپڙن ۾ واڌو تهه ۽ پيڊنگ شامل ڪئي ويندي هئي. سمرتي موجب، مرحوم اداڪار جو وزن گهٽجي ويو هو، جنهن سبب سندس لباس بار بار تبديل ڪرڻو پيو ۽ ڪيئي ڏينهن ائين ٿيو ته سخت سور جي ڪري عرفان خان سيٽ تي به نه پهچي سگهيو.
هن انڪشاف ڪيو ته فلم جي شوٽنگ دوران سندس گهرڀاتي سيٽ تي موجود هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن شوٽنگ تان وقفو وٺڻو پوندو هو ڇو ته هو تڪليف برداشت نه پيو ڪري سگهي.
سمرتي وڌيڪ چيو ته عرفان خان پنهنجي ڪم سان غير معمولي لڳاءُ رکندو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته هو آخر تائين اداڪاري جاري رکڻ چاهي ٿو.
واضح رهي ته عرفان خان اپريل 2020 ۾ 53 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
You might also like