جنرل ضياءَ کان جنرل حداد تائين:”پراسرار“ فضائي حادثا

 23ڊسمبر 2025 تي ترڪي ۾ پيش آيل هڪ فضائي حادثي ۾ ليبيا ۾ قومي اتحاد جي حڪومت جي فوج جي سربراهه جنرل محمد الحداد مارجي ويو.

هن تازي فضائي حادثي ماضي جا اهي واقعا ياد ڏياري ڇڏيا آهن جن ۾ نامور فوجي آفيسر، سياسي شخصيتون ۽ شاهي خاندان جا فرد فوت  ٿيا. مئي 2024 ۾ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي به هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو هو. سندس هيليڪاپٽر ايران جي پاڙيسري ملڪ آذربائيجان جي سرحد جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو هو. ان هيليڪاپٽر ۾ صدر رئيسي سان گڏ ان وقت جو ايراني پرڏيهي وزير ۽ ٻيا اهلڪار به سوار هئا.آگسٽ 2023 ۾ روس جي گادي واري شهر ماسڪو جي اتر اولهه ۾ به هڪ جهاز جي حادثي ۾ ڪمانڊر يوگيني پريگوزن پنهنجي گروپ جي ڏهن ماڻهن سميت هلاك ٿي ويو هو. يوڪرين تي روسي حملي ۾ يوگيني پريگوزن اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڪرائي جي جنگجوئن تي ٻڌل هڪ نجي فوج جو سربراهه هو جيڪا جنگ ۾ روس جي مدد ڪري رهي هئي. سندس وٽ روس ۾ ڪو سرڪاري عهدو نه هو پر هو تمام طاقتور شخص هو. هن حڪومت ۽ فوج سان اربين ڊالر جا معاهدا ڪيا هئا.

هي حادثو ان ڪري به تمام تڪراري بڻيو ڇو ته يوگيني پريگوزن انهيءَ کان صرف ٻه مهينا اڳ ئي بغاوت جو اعلان ڪيو هو ۽ ماسڪو ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. پاڪستان جو اڳوڻو فوجي صدر جنرل ضياءُ الحق به اهڙي ئي هڪ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو هو 1988 ۾ سندن جهاز پاڪستان جي شهر بهاولپور جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو هو. ڊگهي جاچ کان پوءِ فني سببن کي حادثي جي وجهه قرار ڏنو ويو ان جهاز ۾ جنرل ضياءُ الحق سان گڏ پاڪستان جي فوج جا ڪيترائي اعليٰ آفيسر ۽ پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير آرنلڊ رافيل به سوار هئا.

فيبروري 1977 ۾ هوءَ سوڊان جي ڏاکڻي شهر طفيله کان واپس اچي رهي هئي ته راهه ۾ سندن هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو. هن حادثي ۾ اردن جا صحت واري وزير ۽ ٻيا اعليٰ اهلڪار به مارجي ويا.

حادثي کان 40 ڏينهن پوءِ عمان جي بين الاقوامي ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري ملڪا عاليه جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. عاليه الحسين اردن جي بادشاهه جي ٽين زال هئي ۽ هوءَ شهزادو علي بن الحسين جي والده هئي، جيڪو هاڻي اولهه ايشيا فٽبال فيڊريشن ۽ اردن فٽبال ايسوسيئيشن جو صدر آهي.

عراق جي اڳوڻي صدر عبدالسلام عارف به اپريل 1966 ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو. هي حادثو عراق جي ڏکڻ ۾ بصره جي ويجهو پيش آيو عبدالسلام عارف کان پوءِ سندس ڀاءُ عبدالرحمان ملڪ جو صدر بڻيو، پر ٻه سال پوءِ کيس حڪومت ۽ ملڪ ڇڏڻو پيو ان وقت به ڪيترن ماڻهن جي نظر ۾ اهو حادثو تمام پراسرار هو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.