ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم جو مقصد عوام کي ورغلائڻ آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيوويو آهي ته حافظ نعيم کي صدر آصف علي زرداري تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ تاريخ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
ترجمان چيو ته حافظ نعيم جو سياسي مقصد عوام کي ورغلائڻ آهي، جماعت اسلامي کي ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) ڪهڙي دور ۾ تباهه ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته هر ناڪاميءَ جو الزام پ پ تي اُڇلائڻ جماعت اسلامي جو پراڻو طريقو آهي، جڏهن ته پ پ هميشه ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ قومي اثاثن کي بچائڻ تي زور ڏنو آهي.
حافظ نعيم صدر آصف علي زرداري تي تنقيد کان اڳ تاريخ جو مطالعو ڪري: سنڌ حڪومت جو ترجمان
You might also like