اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پهرئين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو.
يو اي اي جي صدر جو پاڪستان پهچڻ تي شاندار ۽ تاريخي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندي ئي پاڪ فضائيه جي جنگي جهازن يو اي اي جي صدر جي جهاز کي گهيري ورتو ۽ فضائي سلامي ڏني.
ان کانپوءِ نور خان ايئر بيس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وفاقي وزيرن معزز مهمان جي شاندار آجيان ڪئي، گڏيل عرب امارتن جي صدر کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته يو اي اي جي صدر سان گڏ وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان آيو آهي، دوري دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ترجمان چيو ته يو اي اي جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي وارن ڀائراڻن ۽ تاريخي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، هي دورو واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ترقي ۽ علائقائي استحڪام کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.
ان کانسواءِ معزز مهمان جون صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت اعليٰ شخصيتن سان ملاقاتون شيڊول آهن.
اماراتي صدر جي پاڪستان دوري کي نظر ۾ رکندي اڄ اسلام آباد ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڻ اڄ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽس 26 ڊسمبر تي بند رهنديون.
Next Post
You might also like