اماراتي صدر پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري وطن روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو. دوري دوران هن صدر، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سان ملاقاتون ڪيون ۽ واپس روانو ٿي ويو.
يو اي اي جي صدر جو پاڪستان پهچڻ تي شاندار ۽ تاريخي آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندي ئي پاڪ فضائيه جي جنگي جهازن يو اي اي جي صدر جي جهاز کي گهيري ورتو ۽ فضائي سلامي ڏني.
ان کانپوءِ نور خان ايئر بيس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وفاقي وزيرن معزز مهمان جي شاندار آجيان ڪئي، گڏيل عرب امارتن جي صدر کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
يو اي اي جي صدر سان گڏ وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان آيو، دوري دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اماراتي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي وارن ڀائراڻن ۽ تاريخي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو، هي دورو واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ترقي ۽ علائقائي استحڪام کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.
ٻئي پاسي اماراتي صدر جي پاڪستان دوري کي نظر ۾ رکندي اڄ اسلام آباد ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڻ اڄ موڪل جو اعلان ڪيو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.