ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت ڊاڪٽرن بابت اهم فيصلو ڪندي صحت کاتي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، صوبي ۾ مقرر سڀني ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊهاڪ ڊاڪٽرن جون مقرريون ختم ڪيون وينديون ۽ انهن جي جاءِ تي ريگيولر آفيسرن جون مقرريون ڪيون وينديون.
پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اسسٽنٽ پروفيسر، سينيئر رجسٽرار ۽ اسپيشلسٽس جون ڪانٽريڪٽ نوڪريون ختم ٿي وينديون، ۽ ريگيولر آفيسرن جي مقرري کانپوءِ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي سروس به ختم ٿي ويندي.
صحت کاتي موجب متاثر ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ايڊجسٽمينٽ تي همدرداڻو غور ڪيو ويندو.
Prev Post
You might also like