لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ايڇ بي او جي مشهور ڊرامي ”دي وائر” ۾ ”زيگي سوبوٽڪا“ جي ڪردار ذريعي شهرت ماڻيندڙ مشهور آمريڪي اداڪار جيمز رانسون پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
لاس اينجلس جي ميڊيڪل ايگزامنر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 46 ورهين جي جيمز رانسون جمعي جي ڏينهن آپگهات ڪيو.
ويجهڙائي وارن سالن دوران جيمز رانسون هارر فلم ”اِٽ چيپٽر ٽو“ ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته هو هڪ ٻئي منصوبي ”جنريشن ڪِل“ ۾ اليگزينڊر اسڪارزگارڊ سان گڏ نظر آيو هو، ان فلم ۾ رانسون حقيقي زندگي جي ميرين ڪارپورل جوش ري پرسن جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو ايڇ بي او جي ست قسطن تي ٻڌل هن شو ۾ لڳاتار شامل رهيو.
جيمز رانسون جي وفات جي خبر سامهون اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي سندس مداحن ۽ ساٿي فنڪارن طرفان تعزيتي پيغامن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته جيمز رانسون 1979 ۾ بالٽيمور ۾ جنم ورتو، هن 1993 کان 1997 تائين ميري لينڊ جي شهر ٽائوسن ۾ قائم ڪارور سينٽر فار آرٽس اينڊ ٽيڪنالاجي مان تعليم حاصل ڪئي.
هن 2002 جي ڊراما فلم ”ڪين پارڪ“ ۾ سپورٽنگ اداڪار طور ڪم ڪيو، ان کانپوءِ کيس ”دي وائر” ۾ ڪردار مليو.
رانسون آخري ڀيرو ٽيليويزن تي ”پوڪر فيس“ جي ٻئي سيزن جي هڪ قسط ۾ نظر آيو، جيڪا هلندڙ سال جون ۾ نشر ٿي هئي.
2021 ۾ رانسون انڪشاف ڪيو هو ته ننڍپڻ ۾ ميري لينڊ جي سرڪاري اسڪولن واڳيل هڪ ٽيوشن ڏيندڙ شخص کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.
هن انسٽاگرام تي لکيو هو ته ”اهو تجربو بعد ۾ شراب ۽ هيروئن جي نشي ۾ مبتلا ٿيڻ جو سبب بڻيو، جڏهن ته هو پنجن سالن تائين نشي جي لت ۾ رهڻ کانپوءِ منشيات جو استعمال ڇڏي چڪو هو.“
You might also like