اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کانپوءِ پاڪستاني شاهين ايشيا ڪپ ٽرافيءَ ساڻ وطن واپس پهچي ويا.
اسلام آباد ايئرپورٽ تي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي، جتي شهرين جو وڏو انگ رات دير سان رانديگرن جي آڌرڀاءُ لاءِ ايئرپورٽ پهتو.
فاتح رانديگرن تي گلن ورکا ڪري کين هار پارايا ويا ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته شهرين دهل جي ٿاپ تي رقص پڻ ڪيو.
ايئرپورٽ کان ٻاهر آتش بازي مظاهرو به ڪيو ويو، رانديگرن جي شاندار آجيان دوران پاڪستان زنده باد جي نعرا هنيا ويا.
پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ۽ ٻيا پي سي بي عملدار به رانديگرن جي استقبال لاءِ هوائي اڏي تي موجود هئا.
ايئرپورٽ کان سڀني رانديگرن کي وي آءِ پي پروٽوڪول هيٺ مقامي هوٽل پهچايو ويو.
ياد رهي ته پاڪستان ڀارت کي 191 رنز سان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 347 رنسون اسڪور ڪيون ۽ ڀارت کي کٽڻ لاءِ 348 رنز جو هدف ڏنو. سمير منھاس 113 بالن تي 17 چوڪن ۽ 9 ڇڪن جي مدد سان 172 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، هو ٽورنامينٽ جو ٽاپ اسڪورر به رهيو.
348 رنسن جي جواب ۾ ڀارتي ٽيم 156 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڀارت طرفان ديوندرن 36 ۽ سوريا ونشي 26 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان ٻيو ڀيرو انڊر 19 ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ان کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت 2012 جي ايونٽ ۾ گڏيل طور فاتح رهيا هئا.
Next Post
You might also like