ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) حيدرآباد کان ڪنڌڪوٽ ايندڙ ڊاڪٽر شهباز نظير کوسو مسافر ڪوچ مان پُراسرارنموني گم ٿي ويو نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن سياسي پارٽين پاران سٽي پارڪ کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو پريس ڪلب آڏو شهباز نظير کوسو جي بازيابي لاءِ وارثن پيءُ نظير احمد کوسو، امداد الله کوسو، دلمراد ڏاهاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي ،غلام مصطفيٰ ميراڻي، وڪيل منير احمد بجاراڻي، وڪيل منور ڀٽو، جيوڻ سبزوئي، ڇوٽو جکراڻي ۽ شھرين سول سوسائٽي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شھباز نظير کوسو هڪ پڙهيل لکيل خاندان سان واسطو رکي ٿو ڊاڪٽر شھباز نظير کوسو چار سال کان ايم بي بي ايس ڪري رهيو آهي جيڪو مستقبل ۾ اسان شهر واسين لاءِ مسيحا بڻجندو ڊاڪٽر جي مٿان ڪو ڪيس آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي اسان جو نوجوان مسافر ڪوچ ۾ حيدرآباد کان ڪنڌڪوٽ اچي رهيو هو ته اوچتو مسافر ڪوچ مان پُراسرار نموني گم ٿي ويو آهي اسان شريف شھري آهيون اسان جو ڪنھن به جماعت سان ڪو به واسطو نه آهي گھر ۾ ٻارڙا پريشان آهن جنھن ڪري وڏي تڪليف مان گذرڻو ٿو پوي ھنن مطالبو ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان، فيلڊ مارشل پاڪستان، صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شهباز نظير کوسو کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،