بي بي ايل: بابر جي بيٽ هلڻ سان سڊني ۾ ساهه پئجي ويو، ٿنڊر کي سڪسرز هٿان شڪست

سڊني (ويب ڊيسڪ) بِگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي ستين ميچ ۾ سڊني سڪسرز سڊني ٿنڊر کي 47 رنسن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي.
سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ جي خاص ڳالهه پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي فارم ۾ واپسي هئي، شروعاتي ٻن ميچن ۾ ناڪامي کانپوءِ بابر اعظم ٽِين ميچ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي پهرين ففٽي اسڪور ڪئي.
سڊني ٿنڊر خلاف سڊني سڪسرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ بابر اعظم 42 بالن تي 58 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ ٻه ڇڪا ۽ پنج چوڪا شامل هئا، جڏهن ته جوش فلپي 96 ۽ ڊينئل هيوز 25 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
سڊني ٿنڊر جي طرفان ريس ٽوپلي 3 ۽ نيٿن ميڪنڊرو 2 وڪيٽون ورتيون.
199 رنسن جي جواب ۾ سڊني ٿنڊر 20 هين اوور ۾ 151 رنسون تي آل آئوٽ ٿي وئي، سيم بلنگز 51 ۽ شاداب خان 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته ميٿيو گلڪيس 12 ۽ ڪرس گرين 13 رنسون ٺاهيون.
سڊني سڪسرز طرفان جيڪ ايڊورڊز 5 ۽ جوئل ڊيوس 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ٽوڊ مارفي ۽ ڪين رچرڊسن جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
شاندار بيٽنگ جي ڪري جوش فلپي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.