”رهيل پگهارون ڏيو نه ته جهاز نه اُڏندو“ پائلٽ جي اوچتي انڪار مسافرن کي پريشان ڪري ڇڏيو

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو ۾ هڪ پائلٽ اڏام وقت جهاز اڏائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪمپني کان رهتن جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو ميڪسيڪو سٽي ۾ پيش آيو ۽ ان سان جڙيل هڪ وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.
پائلٽ جهاز ۾ سوار ڪيترن ئي مسافرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي جهاز ان وقت تائين نه اڏندو، جيستائين اسان سان طئي ڪيل رهتون ادا نه ٿيون ڪيون وڃن.
پائلٽ چيو ته اسان جي 5 مهينن جي پگهار ۽ سفري خرچ رهيل آهن، مان ٽن ٻارن جو پيءُ آهيان، مون کي هن وقت توهان لاءِ برو محسوس ٿي رهيو آهي، ڇو ته توهان ان جا حقدار ناهيو.
هن چيو ته مان تقريبن ٽن سالن کان ايئر لائن سان جڙيل آهيان ۽ ڪڏهن به اڏام مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ناهيان ٿيو.
ميڪسيڪو سٽي جي بينيٽو جواريز انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي عهديدارن ٻڌايو ته اختياريون واقعي جي جاچ ڪري رهيون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب پائلٽ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته مسافرن کي جهاز مان لاٿو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.