امپائرن جي غلطي سڌارڻ واري ٽيڪنالاجي ساڳيون غلطيون ورجائڻ لڳي!، انگلينڊ جو آءِ سي سي وٽ وڃڻ جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ جاري ايشز سيريز ۾ ٽئين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي آن فيلڊ امپائر جي غلطي سڌارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالوجي سسٽم ”سنيڪو“ به ساڳئي غلطي ورجائي ڇڏي.
تڪرار ان وقت جنم ورتو جڏهن آسٽريلوي بيٽر اليڪس ڪيري کي ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ويو، جيتوڻيڪ بال سندس بيٽ کي ڇُهندي وڪيٽ ڪيپر جي گلوز ۾ ويو هو.
پر جوش ٽنگ جي بال تي ڪيل ڪيچ واري اپيل امپائر احسن رضا رد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٽِين ۽ ايشز ۾ پهرين سينچري جو سنگ ميل طئي ڪيو.
ان سلسلي ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او ٽوڊ گرين برگ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ ٽيڪنالوجي ڪمپني کان وضاحت طلب ڪئي.
ٻئي پاسي، سنيڪو ٽيڪنالوجي جي مالڪ ڪمپني ”بي بي جي اسپورٽس“ غلطي جي ذميواري قبول ڪئي، جڏهن ته اليڪس ڪيري پڻ تسليم ڪيو ته بال بيٽ سان لڳو هو.
ٽوڊ گرين برگ موجب، ان واقعي ۾ انساني غلطي سان گڏوگڏ ٽيڪنالوجي وارو نظام به ناڪام ٿيو، جيڪو قابل قبول ناهي ۽ يقين بڻائڻ لاءِ سوال اُٿي رهيا آهن ته جيئن مستقبل اهڙي صورتحال ٻيهر پيش نه اچي.
تڪرار کان پوءِ ريفري جيف ڪرو انگلينڊ جو هڪ ريويو بحال ڪري ڇڏيو، جنهن کا پوءِ ٽيم ٻئي ڏينهن جي شروعات ٻن ريويوز سان ڪئي.
ٻئي ڏينهن هڪ ٻيو تڪراري فيصلو سامهون آيو، جڏهن انگلش بيٽر جيمي سمٿ کي آئوٽ قرار ڏنو ويو، جيتوڻيڪ ريپلي ۾ بيٽ ۽ بال وچ ۾ واضح فرق نظر آيو، پر ان موقعي تي سنيڪو معمولي سپائيڪ ڏيکاريو، جنهن تي انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس مايوسي ظاهر ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ان معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ٽيڪنالوجي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڊي آر ايس جي استعمال کي لازمي قرار ڏئي ٿو، پر ٽيڪنالوجي ڪمپنين جي چونڊ تي ڪائي پابندي ناهي.
ان سلسلي ۾ اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪ ايٿرٽن چيو ته انساني غلطي راند جو حصو رهي آهي ۽ اهڙي ٽيڪنالوجي جنهن ۾ انساني عمل دخل هجي، ان کان مڪمل طور پاڪ نٿي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.