ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ عالمي ڪتابي ميلي جو باقاعدي افتتاح ٿي ويو، جنهن ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه شرڪت ڪئي ۽ ننڍپڻ ۾ ڪتاب چوري ڪرڻ جو دلچسپ انڪشاف ڪيو.
افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي سيد سردار شاهه چيو ته ڪتاب انساني سماج جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو محرڪ آهي.
هن تاريخي حوالا ڏيندي ٻڌايو ته جرمني دنيا ۾ پهرين پرنٽنگ مشين ايجاد ڪئي ۽ چين ڪاغذ ايجاد ڪيو.
اي آءِ جي استعمال تي ڳالهائيندي سيد سردار شاهه چيو ته اسان ان جي ذميواراڻي استعمال جي خلاف ناهيون پر ان کي بنا ضرورت ٻارن جي زندگي ۾ شامل ڪيو ويو ته ڪتاب جو هٿ مان نڪرڻ فطري آهي.
صوبائي وزير ننڍپڻ ۾ ڪتاب ۽ گلاب چوري ڪرڻ جو پنهنجو تجربو شيئر ڪيو ۽ چيو ته ان وقت ان کي چوري نه سمجهيو ويندو هو.
هن چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ هر ڪمري ۾ لائبريري قائم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
You might also like