اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري ڊگري تڪرار ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي بينچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ڪيس ٻي بينچ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري بابت تڪرار جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بينچ ڪئي، جنهن دوران جسٽس طارق جهانگيري ۽ اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معزز جج صاحب آيل آهي، مون کي رڳو جهانگيري صاحب کي ٻڌڻو آهي.
جسٽس طارق جهانگيري چيو ته مون کي خميس تي نوٽيس مليو آهي، نوٽيس سان گڏ پٽيشن جي ڪاپي تائين ناهي، 34 سال پراڻو ڪيس آهي، مون کي پٽيشن جي ڪاپي ملڻ لاءِ وقت ڏيو.
جسٽس طارق جهانگيري چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي بينچ ۾ ويهڻ جي اعتراض واري ڇڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان به جج آهيو مان به جج آهيان، مان توهان جي خلاف پٽيشن فائل ڪئي.
جسٽس طارق جهانگيري چيو ته اهو مفادن سان ٽڪراءُ آهي، توهان ان ڪيس ۾ منهنجي خلاف نٿا ويهي سگهو، منهنجو اعتراض آهي ته توهان هي ڪيس نه ٻڌو، توهان مون کي عدالتي ڪم کان به روڪي ڇڏيو، جيڪو عدالتي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان کي انصاف ائين ئي ملندو جيئن ٻئي ڪنهن کي ملندو آهي.
جسٽس طارق جهانگيري چيو قرآن پاڪ تي هٿ رکي الله کي حاضر ناظر ڄاڻي حلفي طور چوان ٿو ته منهنجي ڊگري اصلي آهي، يونيورسٽي اهو نه چيو ته ڊگري جعلي آهي ۽ انهن ايشو نه ڪيو هو.
چيف جسٽس سان مڪالمو ڪندي جسٽس طارق جهانگيري چيو ته مون کي توهان جي بينچ تي اعتماد ناهي، جيڪڏهن ڪيس ٻڌڻو آهي ته ڪنهن ٻي بينچ کي موڪلي ڇڏيو، مون کي ڪجهه وقت به ڏنو وڃي.
عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار کي رڪاڊ سميت طلب ڪندي جسٽس طارق جهانگيري کي پٽيشن ۽ سمورا لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like