سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ (ڪرڪيٽ آسٽريليا) سڊني واقعي جي متاثرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا واقعي ۾ متاثرن ۽ پونئرن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، بِگ بيش ليگ دوران فائر ورڪ نه ڪيو ويندو ۽ ميچ دوران متاثرن لاءِ خاموشي اختيار ڪئي ويندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته رانديگرن ۽ آفيسر ميچ دوران ڪاريون پٽيون ٻڌي ميدان تي لهندا ۽ ميچ دوران جهنڊا جهڪيل رهندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ايشز سيريز جي ايڊليڊ ٽيسٽ لاءِ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.
You might also like