ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) گهوٽڪي ۾ کليل ڪچهري دوران پ پ اڳواڻ سردار بابل خان ڀيو کان سوال ڪندڙ وڪيل عمار دايو هڪ انٽرويو دوران چيو ته مون ڪا ايڏي وڏي ڳالهه نه ڪئي، مون ڪجهه بنيادي ڳالهيون ڪيون، ضلعي گهوٽڪي جا جيڪي بنيادي مسئلا آهن انهن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سڀ کان پهريان بابل سي ايم سنڌ جواسپيشل اسسٽنٽ آهي ۽ هو اسپتالن جي حوالي سان دوري تي نڪتل هو ته ڪهڙيون شڪايتون آهن ضلعي جي اندر، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جيڪا آهي ميرپورماٿيلو جي اندر، اتان جو جيڪو ان ۾ ڊي ايڇ او آهي ان ڳالهه ته بابا پنج هزار آپريشن ٿيا آهن 22 سئو ڊائلاسز ٿيا آهن، ان تي مون چيو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيو آهي، اسان کي خبر آهي، اسان کي شڪايتون ملنديون رهنديون آهن، ٻه ٽي ڏينهن اڳ اسان جو دوست هڪڙو آهي اهو به لائيوڪري رهيو آهي ته اتي 10هين وڳي اُتي ڪو به ڊاڪٽر موجود نه هو، صرف هڪڙي ڊاڪٽر جي، سو اها ڀينگ لڳي پئي آهي، اها حالت آهي صحت جي، وڪيل جو چوڻ هو ته ان کانسواءِ مون هڪ صوبائي وزير کي ثبوت ڏيکاريا بلڪل، رات جيڪو آهي ڪالهه رات جيڪو آهي قيمتي وڻن جي واڍي ٿي آهي جنهن ۾ اوهان جو جيڪو آهي ضلعي جو عملو اهو ملوث آهي، ان کانسواءِ مون ان کان سوال ڪيو ته بابا اوهان سي ايم سنڌ جا اسپيشل صلاحڪار آهيو اوهان وڃي وڏي وزير کي ڳالهه ڪيو ته اسان جي ضلعي جي اندر يونيورسٽي ناهي، ايڏو رچ ضلعو آهي، ملٽي نيشنل ڪمپنيز آهن، ريسورسز آهن، پيٽرول ٿو نڪري، گئس ٿي نڪري، ان باوجود به يونيورسٽي ناهي، صحيح اسپتالون ناهن، هن چيو ته آخر عوام ڪيڏانهن وڃي ڪنهن کي دانهن ڏيئي، هي اسان جا بنيادي مسئلا آهن جيڪڏهن مان سمجهان ٿو ته انهن کي بجاءِ ڪاوڙ ڪرڻ جي 8 قومن جو سردار، سائين هاڻ ڳالهه اها آهي ته پهريان ته هنن کي خبر قوم ڇا ٿيندي آهي، قبيلو ڇا ٿيندو آهي، ته قوم سنڌي آهي، هي جيڪي به آهن اهي قبيلا آهن سائين ڀلي 8 قومن جو سردار هجي، 10 قومن جو سردار هجي يا قبيلن جو سردار هجي پر ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌ جا خادم آهيون، سنڌ جا خادم آهيون سڄي سنڌ اسان جي آ، اسان سنڌ جا عشق آهيون، اسان سنڌ جا سپاهي آهيون، جيڪڏهن سنڌ ڌرتي جي ماڻهن سان ظلم ٿيندو ته اسان ان تي ڳالهائينداسين ان سان گڏوگڏ مون ان کان اهو به سوال ڪيو ته ضلعي گهوٽڪي جو پاڻي خراب ٿي رهيو آهي ان باري ۾ سنڌ حڪومت جيڪا آهي انتهائي خاموش ڇا پر سنجيده ناهي، ملٽي نيشنل ڪمپيون اهو پاڻي جر ۾ ڇڏي رهيون آهن ان جي ڪري جر تباهه ٿي رهيو آهي، پاڻي خراب ٿي رهيو آهي، مون بنيادي مسئلن تي ڳالهايو، ان کي اها ڳالهه ناهي وڻي پر ادا اها ڳالهه اسان ڪندا رهنداسين سنڌ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائيندا رهنداسين، جيستائين سسئي ۾ ساهه آهي سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائينداسين رهنداسين.