دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، برسات سبب ٽاس دير سان ٿيو ۽ في اننگز کي 49 اوورن تائين محدود ڪيو ويو.
ڀارتي ٽيم دعوت ملڻ تي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 46.1 اوورن ۾ 240 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، آرون جارج 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪنيسڪ چوهان 46 ۽ آيوش مهاتري 38 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان محمد سيام ۽ عبدالسبحان 3-3 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان ٽيم 150 رنسن تي ڍير ٿي وئي، حذيفه احسن 70 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر ان جو ڪنهن ساٿ نه ڏنو.
ڀارت طرفان ديپيش ديوندران 3، ڪنيسڪ چوهان ۽ ڪشان سنگهه 2-2 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين ميچ ۾ ملائيشيا ۽ ڀارت يو اي اي کي شڪست ڏني هئي.
You might also like