اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان 16 ڊسمبر کان تيل اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ سبب وفاقي حڪومت طرفان 16 ڊسمبر 2025 کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 0.36 رپيا في ليٽر جي معمولي لاٿ، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11.85 رپيا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته تيل اگهن ۾ تبديلي جو اعلان سڀاڻي رات ڪيو ويندو.
You might also like