ارجن رامپال 6 سالن جي لاڳاپن کانپوءِ پنهنجي دوست سان مڱڻو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال 6 سالن جي لاڳاپن کانپوءِ پنهنجي پارٽنر گيبريلا ڊيميٽرياڊس سان مڱڻي جي تصديق ڪري ڇڏي.
ارجن رامپال ۽ گيبريلا ڊيميٽرياڊس تازو هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي گيبريلا ڊيميٽرياڊس چيو ته مان ان جي پويان رڳو ان ڪري نه لڳيس ته هو خوبصورت آهي ۽ اميد ته ارجن به منهنجي باري ۾ ائين نه سوچيندو هوندو.
ان تي ارجن رامپال کلندي چيو ته مان ان جي ڪڍ ان ڪري لڳس، ڇو ته هوءَ خوبصورت هئي، پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان ۾ خوبصورتي کانسواءِ به گهڻو ڪجهه آهي.
گيبريلا چيو ته اسان هن وقت شادي شده ناهيون، جنهن تي ارجن رامپال فوري طور چيو ته اسان مڱڻو ڪري چڪا آهيون.
واضح رهي ته ارجن رامپال ۽ گيبريلا ڊيميٽرياڊس 2018 کان هڪٻئي سان گڏ آهن ۽ انهن کي ٻه پٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.