هيري بروڪ جو ” دي هنڊريڊ“ ۾ رڪارڊ ٽوڙ معاهدو، ڪهڙي ٽيم ڏانهن کيڏندو؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) دي هنڊريڊ ليگ ۾انگلش بيٽر هيري بروڪ کي اٽڪل 4 لک 70 هزار پائونڊز جو رڪارڊ معاوضو ملڻ وارو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، نون سيڙپڪارن جي اچڻ کانپوءِ فرنچائزز ريٽينشن ۽ سڌي ريت معاهدن وارا معاملا تيزيءَ سان اڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان ٽورنامينٽ جي مالي حيثيت ۾ واضح اضافو ٿيو آهي.
سن رائزرز ليڊز (اڳوڻي ناردرن سپر چارجرز) جي قيادت ڪندڙ بروڪ هاڻي نئين ٽيم سان رڪارڊ معاوضي تي کيڏڻ جو سانڀاهو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، ويلش فائر فل سالٽ سان اٽڪل 4 لک 50 هزار پائونڊز ۾ معاهدو ڪري ورتو آهي.
سن رائزرز بروڪ سان گڏ برائيڊن ڪارز ۽ مچل مارش کي پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو آهي.
مانچيسٽر سپر جائنٽس جوز بٽلر، نور احمد ۽ هينرڪ ڪلاسن کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٽرينٽ راڪٽس جي مئنيجمينٽ جوءِ روٽ ۽ بين ڊڪٽ جي ريٽينشن بابت غور ويچار ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.