اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا، فيض حميد کي سزا تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي جا ڪيس باقي آهن ۽ جنهن سياسي پارٽي اهو ڪيو، ان جو فيصلو ڀت تي نظر اچي رهيو آهي، اهو انصاف جو ڊگهو سلسلو آهي، جيڪو نه بيهندو.
پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته منهنجي اها ڳالهه به ٺيڪ ثابت ٿي ته فيض حميد کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڦاهي جي سزا نه ٿي.
هن چيو اڃا ته 9 مئي ڪيسن جو فيصلو ايندو، جنهن ۾ انهن تباهي مچائي، رياست، سياست، عدليا ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو، ميڊيا تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، فيصلي سان واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کان وڏو ڪنهن جو به پيءُ ناهي، سزا ۽ جزا جو بنياد رکيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي جو ٽرائل اڃا هلي رهيو آهي، جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ سزا 14 سال آهي، جيڪا سياسي جماعت انهن ڪيسن ۾ ملوث هئي، جيڪا ڊرامي بازي پي ٽي آءِ ۽ ان جي باني ڪئي، ظلم سان ماڻهن کي مارايو ويو، پنهنجي ئي اداري، شهيدن ۽ يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، مان انهن کي ان ئي شئي کان روڪي رهيو هيس، ٻڌايو هو ته سندن واپسي ناهي.
فيض حميد کي سزا ته شروعات آهي، پي ٽي آءِ سان ڇا ٿيندو؟ فيصل واوڊا خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي
You might also like