لاهور (ويب ڊيسڪ) لاليووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر سنگيتا اڻڄاتل هٿياربندن طرفان ڊرامي جي شوٽنگ روڪرائڻ تان سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
هدايتڪار سيد نور ۽ ٻين سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران سنگيتا ٻڌايو ته سندس ڊرامي جي شوٽنگ دوران اڻڄاتل هٿياربند سيٽ تي اچي فنڪارن کي ڌمڪايو ۽ هراسان ڪيو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته پنجاهه سال ٿي ويا آهن ته انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪندي، ڪجهه ماڻهن هٿيارن جي زور تي منهنجي ٽيم کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اداڪارا صائمه کي ٻن ڪلاڪن تائين سيٽ تي يرغمال بڻائي رکيو.
سندس چوڻ هو ته هن شيرا ڪوٽ ٿاڻي ۾ هٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ڊرامي ۾ نعمان اعجاز به هو پر ان صورتحال سبب هن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سنگيتا چيو ته احمد جهانگير بلوچ نالي هڪ همراهه چئي ٿو ته ”مون سان اڪيلي ۾ ملو، مسئلو حل ٿي ويندو“.
اداڪارا صائمه جي مڙس ۽ مشهور هدايتڪار سيد نور چيو ته اسان ماڻهن کي انٽرٽين ڪندا آهيون ۽ اسان کي ڇا ملي رهيو آهي، منهنجي زال کي هراسان ڪيو ويو، پر هن بهادري سان مقابلو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي فلم انڊسٽري پنهنجي جنگ وڙهي رهي آهي، اڳتي ڪو واقعو پيش آيو ته ذميوار ڪير هوندو؟
سيد نور چيو ته پهريان ماڻهو شوٽنگ ڪرڻ نه ڏيندا هئا، هاڻي ڪاري ڪوٽ وارا تنگ ڪري رهيا آهن.
You might also like